سومرو عبدالرزاق شهيد

سومرو عبدالرزاق شهيد

عبدالرزاق سومرو شهيد

عبدالرزاق سومرو، شهيد: جديد سنڌ جو قومي سورمو، شهيد عبدالرزاق سومرو، موري جي هڪ غريب ۽ فرض شناس رٽائرڊ اُستاد محمد سليمان سومري جو اڪيلو فرزند هو. عبدالرزاق سومري، 23 جولاءِ 1947ع تي موري شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس موري مان حاصل ڪرڻ بعد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ خيرپور مان اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪرڻ تي کيس ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ جونيئر انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ اڳتي پڙهائي جاري ٿيڻ لاءِ حيدرآباد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ساڳي پوسٽ تي بدلي ڪرائي آيو. عبدالرزاق سومري جي ننڍي هوندي کان طبيعت سادي ۽ سماجي ۽ قومي ڪمن ڏانهن مائل هئي. موري جي سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن جي فائونڊر ميمبرن مان هو. 1967ع کان موري ۾ جيڪي به شاگرد تحريڪون شروع ٿيون، تن ۾ هو قومپرست تحريڪ جو زبردست حامي هو. سندس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان عشق جنون جي حد تائين پهتل هو. جڏهن 30-31 جنوري 1971ع واري رات حيدرآباد ۾ ڪن سنڌ دشمنن سنڌالاجيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو هو ته ان خلاف موري جي شاگردن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ به عبدالرزاق سومرو اڳيان اڳيان هو. جڏهن آڪٽوبر 1971ع ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سنڌالاجيءَ جي مالي مدد لاءِ اپيل ڪئي هئي ته راشد مورائي، مٺل ڪمالاڻي، سڪندر زمان ميمڻ، هارون سومري، علي گل ڪلهوڙي، عبدالرزاق سومري ۽ ٻين گڏجي چندو گڏ ڪندو هو ۽ گڏيل رقم بئنڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي پهچائي وئي هئي. 28 جون 1972ع تي عبدالرزاق سومري جي رٿ تي ئي موري جي شاگردن ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو هو.
عبدالرزاق سومري پوليٽيڪنيڪ ڪاليج حيدرآباد ۾ ملازمت دوران ڪيترن سنڌي شاگردن کي داخلائون وٺرائي ڏنيون، غريب شاگردن کي ڪتاب مهيا ڪري ايڪسٽرا ڪلاس وٺي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو دوستن ۽ شاگردن کي عملي ۽ آدرشي انسان بنجڻ جي هدايت ڪندو هو. سندس پوشاڪ ۾ اڪثر لباس کاڌيءَ جو هوندو هو. مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيل، نهايت پروقار شخصيت رکندڙ نوجوان استاد بنجي، پنهنجي ڊيوٽي نهايت ديانتداريءَ ۽ سچائيءَ سان ادا ڪندو هو. 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌي زبان کي سنڌ جي صوبائي زبان قرار ڏيڻ جو بل پاس ڪيو ويو. ان فيصلي جي حمايت ۾ هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جيڪا ڳالهه سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان بغض رکندڙ ڪجهه متعصب شاگردن کي پسند نه آئي. جڏهن ان بل پاس ٿيڻ خلاف اردو اخبارن واويلا مچائي هئي، تڏهن تيل تي باهه جو ڪم رئيس امروهويءَ جي قطعي ’اردو ڪا جنازه هي، ذرا ڌوم سي نڪلي‘ ڏنو هو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿي ويا هئا. ٽنڊي ڄام ۾ سنڌي شاگرد شهيد ڪيا. سائين جي. ايم. سيد سنڌ جي گشت تي نڪتو ته 2 آگسٽ 1972ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ مٿس بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ دوست محمد پراچا شهيد، نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شورو ۽ ٻيا شديد زخمي ٿيا هئا. ٻوليءَ جي هنگامن دوران توڙي اڳ ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج حيدرآباد جي غير سنڌي انتظاميه اڪثر عبدالرزاق سومري جي خلاف هوندي هئي، ڇو ته هي اتي واحد سنڌي استاد هو، جيڪو سنڌي شاگردن جي دفاع لاءِ سرگرم عمل رهندو هو. هن کي ڪيترا ڀيرا ڌمڪيون به مليون، پر هي بيڊپو انسان پنهنجي پرچار ۽ عمل کان باز نه آيو. 7 آگسٽ 1972ع جو ندورو صبح، هن سنڌ جي سپوت جي شهادت جو سنيهو کڻي آيو. پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي متعصب ۽ سنڌ دشمن شاگردن، انور ڪمال راجپوت جي اڳواڻيءَ ۾ هن قومپرست سنڌي استاد تي اوچتو حملو ڪري، چاقن جا وار ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس شهادت واري واقعي سڄيءَ سنڌ سان گڏ موري ۾ باهه ٻاري ڇڏي. جڏهن ايمبولنس ۾ شهيد عبدالرزاق جو لاش رات جو 11 وڳي موري پهتو ته هزارين شهرين ۽ شاگردن جو ماتمي جلوس اوڇنگارون ڏيندو سندس گهر پهتو. حالتون ان حد تائين خراب ٿي ويون، جو صبح جو شهيد عبدالرزاق کي دفن ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کان اڳ ئي سڄو شهر فوج جي حوالي ڪيو ويو. شهر ۾ عام هڙتال رهي، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. کيس موري شهر جي هڪ بزرگ ۽ ولي ’خوشحال پير‘ جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي شهادت تي سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجي ۽ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. اخبارن وڏين سرخين سان قاتلن جي مذمت ڪئي. موري جي تاريخ جو هي هڪ منفرد حادثو هو، جنهن سڄيءَ سنڌ کي جنجهوڙي ڇڏيو هو. 8 آگسٽ تي سائين جي. ايم. سيد کي اڌ سنڌ جي دوري تان موٽندي، پنهنجي گهر سن ۾ نظربند ڪيو ويو. شهيد دودي سومري ۽ شهيد الهه بخش سومري جي شهادتن کانپوءِ عبدالرزاق سومري جي شهادت تي اديبن مضمون ۽ ڪهاڻيون ۽ شاعرن شاعرن شعر لکيا، جن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا: امداد حسيني: ’سومرا‘، مينڌرا او شهيدِ وطن، سنڌ جي سينڌ کي تو سنواري ڇڏيو. خاڪي جويو:ڀينر منهنجو ڀاءُ، رڱيو ريٽي رت ۾! راشد مورائي:سرڙو ڏئي هو سنڌ تان صدقي ٿيو، مگر ’عبدالرزاق‘ جي ڪڏهن ٿي هئي زبان چپ؟ مٺل ڪمالاڻي:وجهي جهانءِ جهروڪ ۾، جهوناڳڙهه جهوري، مان لڌو موري، موتي ڏئي مهراڻ جو! تاج جويو:وڻ ٽڻ ورتو واس، راوت تنهنجي رتّ جو! ڀوميءَ ڀاڪر کوليو، ڇانوَ بڻيو آڪاس. عظيم سنڌي:ڪير ٿو ميٽي سگهي، ’رزاق‘ پنهنجي خون سان، سنڌ جي نقشي تي جيڪي چٽ چٽي ويندو رهيو؟ سنڌ جي تاريخ جي ڪيڏي نه بدنصيبي آهي، جو شهيد عبدالرزاق جي قتل ۾ صلاحڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي پرنسپال کي ڏيکاءَ طور معطل ڪري بعد ۾ سوئيڊش پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ڊائريڪٽر ڪري موڪليو ويو، ڪجهه ڏينهن قيد رکڻ کان پوءِ قاتل انور ڪمال کي ’شاگرد رهنما‘ ڄاڻائي آزاد ڪيو ويو. شهيد عبدالرزاق جي خون جو سرڪاري طور ڪو به انصاف نه ٿيو، پر موري جي شهرين، شهيد عبدالرزاق يادگار ڪميٽي‘ جوڙي، پنهنجي مدد پاڻ هيٺ شهيد جو مقبرو اڏايو. جنهن ڪم جي تڪميل شهيد جي والد بزرگوار محمد سليمان سومري جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. ان بعد هر سال 7 آگسٽ تي شهيد جي مزار تي ورسي ملهائي ويندي هئي. هاڻي ته مقبري واري سرڪاري ميدان تي اسڪول ٺاهيو ويو آهي ۽ شهيد جي مزار تي ٿيندڙ ورسيون به بند ٿي ويون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو